وِڃائِيا جي سنڌي معنيٰ
گُم ڪريا. خراب ڪريا. هارائيا، ضايع ڪرايا، گنوائيا، کوهيا، اُوڏائيا، برباد ڪيا، تباھ ڪرايا، نابود ڪرايا. بگاڙيا، مُنجهائيا، ڦٽائيا، خراب ڪرايا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To lose, spoil, injure, destroy, ruin. To dispel, waste, expend uselessly.
وِڃائِيا جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]