وِينجهارَ جي سنڌي معنيٰ
وِينجهر، جوهر تراش، هيرن ۽ ڪچ جو ڪم ڪندڙ. هوشيار، سمجهو، ڏاها، سياڻا، چالاڪ. اُڪريندڙ، حڪاڪ، مُنڊيون، ٻيڙا وغيرہ ٺاهيندڙ، قلم ڪار، ڪندہ ڪار، هيرا وغيرہ پالش ڪندڙ،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jewelers, wises, those who inspect, clever, skilled, saints.
وِينجهارَ جا بيتن ۾ حوالا
وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي،
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي،
لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ،
وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ ڪِي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 27 ]
لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ،
وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ ڪِي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 27 ]
English Meaning
Jewelers, wises, those who inspect, clever, skilled, saints.