وِسَرِي جي سنڌي معنيٰ
مت مان نڪرڻ، ميسارجي وڃڻ، ڀلجي وڃڻ، ياد نہ اچڻ يا پوڻ، ذھن مان نڪري وڃڻ، چِت تان لھي وڃڻ، ڌيان مان نڪري وڃڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forgotten, fail to remember, omitted
وِسَرِي جا بيتن ۾ حوالا
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
کِوَڻِ ٿِي کِوي، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
تو اَسارا اِھي، سَڀَ ويندِيُون وِسَرِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 8 ]
تو اَسارا اِھي، سَڀَ ويندِيُون وِسَرِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 8 ]
وَڃيئِي وِسَرِي شالَ، جو تُون سودو سِکِئو،
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو،
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ،
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 14 ]
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 14 ]
جَي مُون مَنجهان رُوحَ، وَڃي ساڄَنُ وِسَرِي،
تَہ مَرُ لَڳي لُوھَ، ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿِي مَران.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 4 ]
تَہ مَرُ لَڳي لُوھَ، ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿِي مَران.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 4 ]
English Meaning
Forgotten, fail to remember, omitted