وِجَهندا جي سنڌي معنيٰ
اندر ڪندا. ۾ رکندا، اندر ڦٽو ڪندا. داخل ڪندا، اوتيندا، پائيندا، داخل ڪندا. ڪوٺيءَ ۾ بند رکندا يا پُوريندا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
They will insert, pour, add, mix.
وِجَهندا جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون،
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]

پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ،
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
English Meaning
They will insert, pour, add, mix.