وَڏَ وَڙو جي سنڌي معنيٰ
وڏا ڪم ڪندڙ، ڀلن لڇڻن وارو، شائستو، لائق، محسن، مھا مھربان، وڏيون عنايتون ڪندڙ، نوازشون ڪندڙ، تمام ڀلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
great generous, very much noble, person having goodness, donor, ethical man.
وَڏَ وَڙو جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي،
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئُون ويندَڙِي دَرِ،
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ،
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ،
ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 5 ]
گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ،
ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 14 ]