ويچاري جي سنڌي معنيٰ
بيھوش، بي حيلي، بي وسيلي، بي واهو، بيڪس، نڌڻڪي، بي پھچ، آوس، لاچار، عاجز، نِڌري، آٻالي، اَڌين. ڪمبخت، نڀاڳي، بدبخت، ڪرم هيڻ، نامراد، نِدوري، اَدوري، ڪم نصيب، غريب، مسڪين، محتاج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helpless, unfortunate, forlorn.
ويچاري جا بيتن ۾ حوالا
نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري،
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري،
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 20 ]
نَہ ڪا تاتِ نَہ تُوتِ ڪا، نَہ ڪا طَلَبَ تَـنوارَ،
ڪانِهي پِرتِ پَچارَ، لَنئُن ويچاري لَڏِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 21 ]
ڪانِهي پِرتِ پَچارَ، لَنئُن ويچاري لَڏِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 21 ]
English Meaning
Helpless, unfortunate, forlorn.