نَھِين جي سنڌي معنيٰ
ناھين، نہ آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
None, nothing
نَھِين جا بيتن ۾ حوالا
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ،
پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 19 ]
پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 19 ]
رانجها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان.
اَو اي آندِي ٻانِهي وو مَين، تيڏَي واسِطي رَھِيان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نالِ وِسارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪَنھِن سُڻِوايا تَينُون،
شَرَمُ شانُ سوئي تَينُون نامي واسِطي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 12 ]

ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون،
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري،
نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ،
ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ کَڻي نَھِين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 8 ]
نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ،
ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ کَڻي نَھِين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 8 ]
تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُولُ ٿِئو،
سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ،
اِيءُ خاڪِ مِٽِي ڪَا بانُ، ڪاٽِئان پوءِ ڪُجُهہ نَھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 2 ]
سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ،
اِيءُ خاڪِ مِٽِي ڪَا بانُ، ڪاٽِئان پوءِ ڪُجُهہ نَھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 2 ]
English Meaning
None, nothing