نائُڪَ جي سنڌي معنيٰ
نوڪ، چھنب، تير جي نوڪ، ڪنھن بہ ھٿيار جي چھنب جيڪا تکي ھجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An instrument for rounding sticks or arrows with.
نائُڪَ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو،
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جا،
لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا،
ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِروئَنِ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 5 ]
لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا،
ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِروئَنِ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 5 ]
اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي راتِ ڪِئو،
لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون پُڻ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 19 ]
لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون پُڻ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 19 ]
English Meaning
An instrument for rounding sticks or arrows with.