مِڙِي جي سنڌي معنيٰ
گڏجي سڏجي، رلي مِلي، ڀيڙو ٿي، ڪَٺو ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Combined, united, beccme closer
مِڙِي جا بيتن ۾ حوالا
اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ،
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ،
مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 6 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي،
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 13 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ،
سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ،
لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو پُنهون پورُ،
آرِياڻِي اَتورُ، وِساري ڪِيئَن ويھِي رَھان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 4 ]
سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ،
لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو پُنهون پورُ،
آرِياڻِي اَتورُ، وِساري ڪِيئَن ويھِي رَھان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 4 ]
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
ھوتُ نَہ چُنِيءَ پوتُ، ڦاڙي جو ڦِٽو ڪَرِيان،
ھاڙِھي جو بَلوچُ، ڏاڍي ڪَنھِن ڏُکِ مِڙِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 37 ]
ھاڙِھي جو بَلوچُ، ڏاڍي ڪَنھِن ڏُکِ مِڙِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 37 ]
پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ،
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
English Meaning
Combined, united, beccme closer