مِٺِي جي سنڌي معنيٰ
پياري، وڻندر، مزيدار، سرور ڏيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sweet, pleasant, honeyed.
مِٺِي جا بيتن ۾ حوالا
سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]

تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي،
حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي، لالِيءَ آئُون لُڇائِي،
صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي، مِٺِي آھِ مِٺائِي،
اُلُفَتَ ڪَرِ مَ اُنَ سين، قُرِبَ جا ڪَڙائِي،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ وِرھائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 12 ]

آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا،
ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ،
ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ،
وَرُ هَلاکِي سين حَقَ، کوءِ وَڏايُون وِڙَنِ جُون.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 10 ]