مِلَڻُ جي سنڌي معنيٰ
گڏجڻ، مِڻڻُ، ڀِڙڻُ. گڏ ٿيڻ، ڀيڙو ٿيڻ. سنمک ٿيڻ، روبرو ٿيڻ، مقابل ٿيڻ. گڏجاڻي ٿيڻ، مُکا ميلو ٿيڻ، ملاقات ٿيڻ. گڏجڻ. مِسجڻ، رلِڻ ملڻ. ملي وڃڻ، ميل ڪرڻ، ميل ٿيڻ، ملي اچڻ، ٺھڪڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be found, obtained, met with, mixed, to blend, correspond, match, tally, be joined, meet, mingle.
مِلَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي،
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]

مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ،
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]