مِجيجِي جي سنڌي معنيٰ
عيبن ثبوابن کان واقف، سڃاڻو، شناس، سينڌو، واقف. گَھَرو، گهاٽو، گهائل مائل، پَڳَٽ، کير کنڊ، دل وارو، ڀيدي، رازدار. محبتي. حال محرم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who is acquainted with another’s secrets sor another’s house, an intimate.
مِجيجِي جا بيتن ۾ حوالا
وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]