مُشڪُ جي سنڌي معنيٰ
کَٿوري، هڪ هرڻ جي دُن مان نڪتل خوشبودار مادو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Musk. (A fragrance)
مُشڪُ جا بيتن ۾ حوالا
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ،
شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،
اَچِي مُشڪُ ماڻِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 13 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]