مُشتاقَنِ جي سنڌي معنيٰ
اشتياق رکندڙن، شائقن، چاهيندڙن، آرزومندن، طالبن، خواهشمندن. سڪايلن، اُڪنڊين. موهِيَلن، عاشقن، مُنتظرن، انتظار ڪندڙن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lovers, Eager, hopeful, thirsty, wishers, those who keep desires
مُشتاقَنِ جا بيتن ۾ حوالا
حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]
جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]