مَھَلَ جي سنڌي معنيٰ
ٽاڻو، ويرم، عرصو، سمون، وير. ويل، ويلو، ساعت، گهڙي، پل. دير، ڍر، آهستي. مُند، موسم، رُت، فُرجو، مھا، فرصت، مُدو، مَعياد، نؤبت، صاحبي، ايام ڪاري. دفعو، ڀِڙڪو، وار، لڱا، ڀِڙڪ وارو، گهمرو. موقعو، وجهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Time, moment.
مَھَلَ جا بيتن ۾ حوالا
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي،
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
English Meaning
Time, moment.