مَھانگو جي سنڌي معنيٰ
قيمتي، گهڻي بھا وارو، وڏي اگهہ وارو، گِران، آڪِرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dear, expensive, costly
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مَھانگو جا بيتن ۾ حوالا
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون،
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ،
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
English Meaning
Dear, expensive, costly