مَشغُولُ جي سنڌي معنيٰ
شُغل ۾ لڳل، ڪم ۾ لڳل، رُڌلُ، مَصرُوفُ، اَپاريَلُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Occupied, busy, engaged.
مَشغُولُ جا بيتن ۾ حوالا
ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري،
مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري،
مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،
فَلَهُمْ اَجْرٌ غَیْرُ مَمْنُوْنٍ ، سامَينِ سَھجُ سَري،
پاڻان ٿِي پَري، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 15 ]