ميڙو جي سنڌي معنيٰ
ملڻ جي حالت، ميل، ميلاپ، ميلو، گڏجاڻي، ميڙيل شيءِ. ماڻهن جو ميڙ، ميڙاڪو. گهڻن ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ (جتي ڪا درگاھ يا مزار وغيرہ هجي ۽ اتي ڪنھن خاص تاريخ تي گڏ ٿجي). ماڻهن جو گوڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sweepings, concord, agreement, connection, joining, an assembly or concourse of people for religious or commercial purposes, a fair.
ميڙو جا بيتن ۾ حوالا
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ،
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.
[ سُر آسا، مجازي مام، 16 ]
آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو.
مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،
اُتي مَلِيرَ ڄائِيُون، سَڀَ نَوازي نِيندو،
والِي ٿِي واڳَ جو، هِئائِين هَلَندو
ڪوٺي ڪوثَرَ ڪَنڌِيين، پاڻِي پِيارِيندو.
[ سُر مارئي، وايون، 15 ]

وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،
ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ،
جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 15 ]
ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ،
جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 15 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
Middle English m?ten, from Old English metan "to find, find out; fall in with, encounter, come into the same place with; obtain," from Proto-Germanic *motjanan (source also of Old Norse mæta, Old Frisian meta, Old Saxon motian "to meet," Gothic gamotijan), from PIE root *mod- "to meet, assemble." Related to Old English gemot "meeting."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Sweepings, concord, agreement, connection, joining, an assembly or concourse of people for religious or commercial purposes, a fair.