موٽَ جي سنڌي معنيٰ
پوئتي ورڻ جي حالت، پويان پير، واپسي. پُٺ، پُشتي، لاڙو، روانگي، اُسھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Backing, moving backwards.
موٽَ جا بيتن ۾ حوالا
اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
جَتَنِ ڪارَڻِ جوٽَ، پِٽيندي پِرھَ ٿِي،
مَٿي مُئِيءَ موٽَ، ڪانڌَ نَہ ڪِي ڪَڏِھِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 4 ]
مَٿي مُئِيءَ موٽَ، ڪانڌَ نَہ ڪِي ڪَڏِھِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 4 ]
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
English Meaning
Backing, moving backwards.