مارِيندو جي سنڌي معنيٰ
مار ڏيندو، مار ڪڍندو، ڌڪ هڻندو، ڪُٽيندو، سَٽيندو، سزا ڏيندو، سيکت ڏيندو. ڏکوئيندو، آزاريندو، ستائيندو، خون ڪندو، قتل ڪندو، هلاڪ ڪندو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will smite, strike, hit, beat. Kill, slay, stop, get over ground in traveling. Will punish.
مارِيندو جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ،
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين،
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]