مارُنِ جي سنڌي معنيٰ
مال چاريندڙن، مالدارن. جهنگ جي رهاڪن، مسڪينن، غريبن، نادارن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir. Poor people.
مارُنِ جا بيتن ۾ حوالا
قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]

قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]

اَڃا ڪَتِي ڪالَهہ، مُلا آندِيَمِ مارُوئين،
سا ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، مَٿان لِڱَنِ لالَ،
مارُنِ مِلِي شالَ، ڏَھِيُون توءِ ڏيکارِيان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 26 ]

مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]

جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾،
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]

ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ،
ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ،
سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 2 ]

پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]

اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جِيئَن سيڻَ مَٽائِينِ سونَ سين،
قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُرِيتِ،
پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙِيءَ مُورِ نَہ مَٽِيان.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 15 ]

ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن مُٺِي،
ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي،
تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ کانيو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 23 ]

عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري،
مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري،
تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحَه ڏِينِ فَقِيرِ کي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 12 ]