لَھي جي سنڌي معنيٰ
مٿاهين تان هيٺ اچي (ڪوٺي، گاڏي، گهوڙي وغيرہ تان). ڪنھن اولاھ تان هيٺ لھي، لھي وڃي، هيٺ ٿئي، اُتري، ڍَرَي، غروب ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Get down to, reduce, eliminate, find out.
لَھي جا بيتن ۾ حوالا
ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 28 ]
پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 19 ]
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 19 ]
اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين،
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري،
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ،
تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 54 ]
تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 54 ]
English Meaning
Get down to, reduce, eliminate, find out.