لَڳيَنِ جي سنڌي معنيٰ
لاڳاپي ۾ آين، ملين، دل سان ملين، نصيب ۾ آين، کين ملي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Applied, apply, fixed, adjourn
لَڳيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
ڪِي جَو ڪَنھِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ،
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
English Meaning
Applied, apply, fixed, adjourn