لَٽِئا جي سنڌي معنيٰ
ڍَڪي ڇڏئا، ڍَڪيا، پوريا، مِٽي وجهي ڇڏي، ڀريا، ملائيا، مِٽِيءَ سان بند ڪيا يا ڀرئا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cover another with dust, sprinkle with dust, fill with dust or earth a hole, cover with earth, bury a corpse.
لَٽِئا جا بيتن ۾ حوالا
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ،
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]