لَسَ ليٽَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ جي اڇ ئي اڇ، ھر پاسي پاڻي ئي پاڻي، اُٿل يا ٻوڏ. هڪ ٻئي پٺيان ليٽندڙ يا موٽندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Floody, ebb and tide, unlimited waves of water.
لَسَ ليٽَ جا بيتن ۾ حوالا
لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ،
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ،
لُڙُ لَنگهِينديُون ليٽَ، ڪَلمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 32 ]
لُڙُ لَنگهِينديُون ليٽَ، ڪَلمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 32 ]
کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ ڏي،
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ،
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ،
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ،
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي گَهڻا،
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]
English Meaning
Floody, ebb and tide, unlimited waves of water.
لَسَ ليٽَ ٻول جا زمرا