لانگَ جي سنڌي معنيٰ
شلوار جو وچ وارو حصو، ٽنگن جي وچان پاتل ڪپڙو، سٿرن وٽان ڌوتي جا واريل وَرَ، ڌوتيءَ جو ٻن سٿرن وچان لنگهيل پلاند، ٻن ٽنگن جي سٿرن جي وچ وارو حصو. ڌوتيءَ جو پٺيان ٽنگن وارو پلاند. گوڏ اگهاڙ مٿان ٻڌل. چادر، ڌوتي، انگوڇو، پوتڙو. ورانگهہ، ٻِرانگهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A cloth worn by Hindus round the loins with the end passed between the thighs and tucked in behind. A cloth worn between legs. The girding one’s self in this way.
لانگَ جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ،
ٻُڌائُون سا ٻانگَ، ڪَندا ڪوھُ نِمازَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 18 ]

نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ ٻانگَ،
وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 27 ]

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ،
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
جَا اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ،
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 17 ]