لاشَڪُ جي سنڌي معنيٰ
بنا شَڪ، بي شڪ . حقيقتا، بلاشڪ، درست، لابُدُ، لاجَرَم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beyond doubt.
لاشَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]

سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو،
پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو،
لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 12 ]

شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 25 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]