قَبُولِئو جي سنڌي معنيٰ
تسليم ڪيو، منظور ڪيو، پسند ڪيو، بحال ڪيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Accepted, approved, agreed, willing, affirmed.
قَبُولِئو جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ،
مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 16 ]
مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 16 ]
دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا بَسِ،
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]
جٖي پُٺِيرا پيرَنِ کي، ڏاتَرَ مُون کي ڏَسِ،
جٖي ھُئا پَنھِنجي وَسِ، تَہ کِئانِ حَرامُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 30 ]
English Meaning
Accepted, approved, agreed, willing, affirmed.