غافِلُ جي سنڌي معنيٰ
ويسريو، اويسلو، ڪاهل، ڍرو، سُست، ٽوٽي. بي ڌيان، بي سانگو. بي سوچ، بي فڪر، غفلت ڪندڙ، بي احتياط.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Careless, inattentive, mindless, negligent, remiss, heedless.
غافِلُ جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، غافِلُ ڪِيمَ گُذارِ،
مَحبُوبُ تَغان شَهرابُ تَغان، اُٿِي جَذو نِهارِ،
ليڙو دَزو بُختَگا، تانگهو تِنگها تاڻِ،
بُرغا پُنهونءَ ڪاڻِ، ڏُونگَرَ ڪُلِي ڏورِ سَفان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 27 ]
مَحبُوبُ تَغان شَهرابُ تَغان، اُٿِي جَذو نِهارِ،
ليڙو دَزو بُختَگا، تانگهو تِنگها تاڻِ،
بُرغا پُنهونءَ ڪاڻِ، ڏُونگَرَ ڪُلِي ڏورِ سَفان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 27 ]
ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]