طَبِيبُ جي سنڌي معنيٰ
علاج ڪندڙ، حڪيم، ڊاڪٽر، ويد، ويڄ، معالج، طبابت ڪندڙ وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Doctor, healer
طَبِيبُ جا بيتن ۾ حوالا
ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
ڏُکندو سَڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبِيبُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 22 ]

تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
جانۡ ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون ھِنَ دَردَ جا،
ھَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 5 ]
ھَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 5 ]
ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
English Meaning
Doctor, healer