صَحِي جي سنڌي معنيٰ
ٺيڪ هُئڻ سچ پچ. صحيح، برابر، ٺيڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Exact, correct, right, off, of course.
صَحِي جا بيتن ۾ حوالا
ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]

مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

مُون ٿي چَيُئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي،
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ کُھِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 20 ]
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ کُھِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 20 ]
جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا،
ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي،
مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي،
آئُون ڦوڙائِي مارِي، مُنھِنجا واقُفَ وِئَڙا وَھِي،
ھيڏي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، سارِئان ڪونَہ صَحِي،
ڏُکُ مُنھِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان تان نَہ سَھِي.
[ سُر حسيني، وايون، 10 ]

جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري،
سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 23 ]
سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 23 ]
چيتارِئان چُڻِڪَن، سنڀارِيانِ صَحِي،
اَندَرِ رُوحَ رَھِي، مُون کي صُورَتَ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 26 ]
اَندَرِ رُوحَ رَھِي، مُون کي صُورَتَ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 26 ]
جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي،
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو،
ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي،
وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو ماڳِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 13 ]
ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي،
وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو ماڳِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 13 ]
English Meaning
Exact, correct, right, off, of course.