صَبُرَ جي سنڌي معنيٰ
ماٺ ۾ رهڻ، چُپ رھڻ، توازن ۾ رھڻ، ماٺ، خاموشي، سانت، شانتي. ڌيرج، تحمل، ٿامر، حلم، بردباري. برداشت، توقف، تامل. تسلي، تسڪين، اطمينان. توڪل. قناعت. دير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Patience, forbearance, endurance, contentment, resignation.
صَبُرَ جا بيتن ۾ حوالا
نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ پاسي ڏُکُ،
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 13 ]
کَمُ کَمندَنِ کَٽِئو، ھارايو ھُوڙَنِ،
چَکِئو نَہ چُوندَنِ، ھو جَو ساءُ صَبُرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 17 ]
چَکِئو نَہ چُوندَنِ، ھو جَو ساءُ صَبُرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 17 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي،
آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 10 ]
آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 10 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ،
پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 12 ]
پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 12 ]
English Meaning
Patience, forbearance, endurance, contentment, resignation.