شَھَرُ جي سنڌي معنيٰ
گهڻن ماڻهن جي گڏجي رهڻ جو هنڌ، بَستي، ڳوٺ، گامُ، قصبو، ٽنڊو، مدينو، بلدہ، ننگر.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A town city.
شَھَرُ جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]