شاباسِ جي سنڌي معنيٰ
آفرين، مرحبا، واه واه، ساراه، واکاڻ، تعريف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Well done, bravo, praise.
شاباسِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِي مُونسين گهارِئو،
ھُئا ھَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 12 ]
ھُئا ھَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 12 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
English Meaning
Well done, bravo, praise.