سُونھاءِ جي سنڌي معنيٰ
اڳواڻي ڪر، رھبري ڪر، رھنمائي ڪر، پيشوا ٿي، معلم ٿي، جھانگُذاري ڪر. سُونھپ سيکار، واقفيت ڪراءِ، ڄاڻ سڃاڻ ڪراءِ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Guide us, teach, show us
سُونھاءِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ،
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ لاءِ،
سو ڪانڌِيين سُونھاءِ، جوڳِي جو جَنَبَ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 24 ]
سو ڪانڌِيين سُونھاءِ، جوڳِي جو جَنَبَ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 24 ]
جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِي کِنواءِ،
سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ،
سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 12 ]
سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ،
سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 12 ]
English Meaning
Guide us, teach, show us