سَڙِئا جي سنڌي معنيٰ
ٻَرَي ويا، پچيا، کامَئا، جَليا، دُکيا، ڀَڙُڪيا. تَتا. باهِ ۾ لڳا، چَٽُ ٿيا، ناس ٿيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.
سَڙِئا جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا،
سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 21 ]
سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 21 ]
English Meaning
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.