سَڀَڪا جي سنڌي معنيٰ
سڀيئي، ھر ڪا، مڙيوئي، ھر ھڪ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Everyone
سَڀَڪا جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجَهاڻَنِ اُونداھِ،
جَنِ اَندَرِ ٻَرِي باھِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 26 ]
جَنِ اَندَرِ ٻَرِي باھِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 26 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري،
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا،
جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ،
مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 2 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ،
مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 2 ]
سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ،
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
ڏُکويُون ڏُسڪَنِ، ڪانَہ ڏُسڪي ڏُکَ ري،
جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ، سُڌِ سَڀَڪا اُنِ کي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 28 ]
جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ، سُڌِ سَڀَڪا اُنِ کي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 28 ]
گهوڙَنِ ھَنئِي سَڀَڪا، آئُون ڪَنواٽَنِ ڪُٺِي،
مَٿي بَرَ بُٺِي، پُنهون ڄامَ پَسيجِ تُون.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 3 ]
مَٿي بَرَ بُٺِي، پُنهون ڄامَ پَسيجِ تُون.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 3 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
English Meaning
Everyone