سَتِنِ جي سنڌي معنيٰ
گڻائتين، سُلڇڻين، سَتُر وارين. پاڪدامنن، سِيلوانَن، جَتين، ثابت قدم، سچين، وفادارن،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Chaste, virtuous. Unammried, virgins. Faithfuls, honests, honorable.
سَتِنِ جا بيتن ۾ حوالا
لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏيھَ کي،
ڪِبو ڪوھُ سَتِنِ، جٖي ڍَڪِئو ڍَڪِين پاڻَ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 14 ]

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]