ساھَ جي سنڌي معنيٰ
پساھَ، دَمَ، جيءَ، جان، پراڻ، زندگي، عمر، حياتي، جِيوَن، جِياپو، ساس، چُوڻا، ارجا. نبض جي دَڪ دَڪ. جيوتي، گذران. دم ڪشي، دَمُ ، اُڀو ساھُ. کَن. پلَڪ، گهڙي، سيڪنڊ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Breath, respiration, life, asthma
ساھَ جا بيتن ۾ حوالا
جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي،
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]
ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي،
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ساھَ سين سَڱُ سَنڍوريين. اُميرِي ڏيئِي،
اِيندَءِ ڪَمِ سيئِي، جَنِي سَندو آھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 11 ]
اِيندَءِ ڪَمِ سيئِي، جَنِي سَندو آھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 11 ]
تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،
پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ،
کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي ساھَ،
ڪو فَضُلُ ڪَرِ فَتاحَ، ٻي تُراڙي ٻاجَهہ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 17 ]
پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ،
کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي ساھَ،
ڪو فَضُلُ ڪَرِ فَتاحَ، ٻي تُراڙي ٻاجَهہ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 17 ]
ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا ڪِئان، وَحدَہٗ جٖي وَڍِيا،
جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني،
سِسي ڏِيان ساھَ سين، يا اَلا، آئُون تَنھِن پانڌِيءَ کي،
[ سُر سريراڳ، وايون، 9 ]
جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني،
سِسي ڏِيان ساھَ سين، يا اَلا، آئُون تَنھِن پانڌِيءَ کي،
[ سُر سريراڳ، وايون، 9 ]
English Meaning
Breath, respiration, life, asthma