ساڄو جي سنڌي معنيٰ
ساڄي پاسي وارو، سُبتو، سڄو. جيڻو پاسو. سَرند، آسودو، ستابو، سڌر، سکيو، ونھيون، ڀاڳيو، سائو، تندرست، توانو، سڄر مھيري. تيار، سنبريل، هوشيار. سھنجو، سوکو. قابو، پختو. ناکئن جي اصطلاح ۾ سڻائو واءُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Right not left. In good state or condition, well, fair a wind, rich.
ساڄو جا بيتن ۾ حوالا
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو،
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
English Meaning
Right not left. In good state or condition, well, fair a wind, rich.