سانجِهي جي سنڌي معنيٰ
سج لھڻ سان لاڳو پوءِ وارو وقت، شام جو وقت، نِماشام، منھن مير، سنجها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Evening.
سانجِهي جا بيتن ۾ حوالا
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ،
ماري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئائُون ڍيرَ،
دَھلِئا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 6 ]

سِڄُ لَھي سانجِهي ٿِي، وَڻين ڪِئائُون ويرَ،
ڪِٿي ھُوندا ھيرَ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 40 ]
ڪِٿي ھُوندا ھيرَ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 40 ]
سِڄُ لَھِي سانجِهي ٿِي، وَڻين ھَنئِي وَڻِڪَ،
ساجَنَ تُنھِنجِيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِھارِيان.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 41 ]
ساجَنَ تُنھِنجِيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِھارِيان.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 41 ]
English Meaning
Evening.