ساجُهرِ جي سنڌي معنيٰ
سويل، سوير، سويري، سويلو. اڳ ۾. جلدي، بنا دير، صبح جي وقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Early, early morning, dawn, before the, without delay.
ساجُهرِ جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا،
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي،
عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 11 ]
عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 11 ]
ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ،
ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ،
گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ،
ٻَڌا ڏورِيءَ وَڃَنِ چورِيءَ، اُنِ جا کُرَ نَہ کُڙِڪو ڪَنِ،
تَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، توڻي ڪامُنِ سان ڪُٽِجَنِ،
ٽوري ٽَڪَرِ چاڙِھِئا، ساجُهرِ سَرواڻَنِ،
اَللہ اُٺَ اَچَنِ، جَنِ پُنهون نِيو پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 11 ]

شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ،
نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ،
ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
ساجُهرِ وَقتِ صُبوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي واويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 6 ]

لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا،
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو،
ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 8 ]
ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 8 ]
ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،
پَسان شالَ اَکِيُنِ سين، دوسِتَ سَندا ديرا،
ساجُهرِ سيڻَنِ لَڏِئو، پوءِ ٿي پُڇي پيرا،
ٻَڙَڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا،جِگرَ ۽ جيرا،
ڏانيُئِي نَہ ڏانگهَنِ کي، وَنگِيُئِي نَہ تَنھِن ويرا،
کانئِيندِيَسِ کيرِنِ ۾، جانِبَ لاءِ جيرا.
[ سُر حسيني، وايون، 24 ]

کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]
آيُون اَڳِيئَن ھيرَ، اَصلَ سَندي آسِري،
پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 19 ]
پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 19 ]
ڪاڇو ۽ ڪوھِيارُ، ڏُونگَرُ سَندُنِ ڏيھَڙو،
ساجُهرِ نَھِي بارُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَنِ اُنِ سين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 4 ]
ساجُهرِ نَھِي بارُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَنِ اُنِ سين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 4 ]
English Meaning
Early, early morning, dawn, before the, without delay.