زوراوَرُ جي سنڌي معنيٰ
زور وارو، زبردست، دست دراز، جبراڻو، غضبناڪ. ڏاڍو سخت، بلڪل، مھاوت. ظالم، قھري، ڌوڌي، انڌيري، ستمگر، شوخ، گبر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forceful, vigourous, strong, powerful, vigorous, terrific, hard, matchless.
زوراوَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري،
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ،
ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ،
مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 21 ]