رِڃُنِ جي سنڌي معنيٰ
رڻن، بيابانن، پَٽَن، جابلو علائقن، غير وسندين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deserts, wilderness.
رِڃُنِ جا بيتن ۾ حوالا
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 14 ]
وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 14 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ،
نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 15 ]
نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 15 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چانگارَ،
اِي عِشقَ جا اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نِينھَن جو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 16 ]
اِي عِشقَ جا اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نِينھَن جو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 16 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ،
اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 17 ]
اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 17 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي ڪَري جوءِ،
اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عِشقَ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 18 ]
اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عِشقَ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 18 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي،
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي،
نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ ڪا دِلِدارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارِي،
ھِيءَ وَھِ ويچارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 24 ]
ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
English Meaning
Deserts, wilderness.