رُئَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڳوڙها ڳاڙڻ، روڄ ڪرڻ، رودن ڪرڻ، آنسون وهائڻ، اشڪ باري ڪرڻ، لُڙڪُ وَهائڻ، هَنجُون هارَڻُ، ٽِمَڻُ، افسوس ڪرڻ، رَڙَڻُ، دانھُون ڪرڻ، مِيڪَڻُ، شوڪُ ڪرڻ. ماتَمُ ڪرڻ، گِريا ڪرڻ، زارِي ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weaping, mourning, crying.
رُئَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِياءُ،
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 4 ]
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 4 ]
عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 1 ]
ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 1 ]
English Meaning
Weaping, mourning, crying.