رَچَنِ جي سنڌي معنيٰ
رڱجن، رنگجن. رچي لال ٿين. الاهي محبت ۾ محو ٿين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be immersed, to receive a full deep color dyeing, to be captivated in love.
رَچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]

اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي،
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]

ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون جِتِ چَڙَهنِ،
ڳُوڙِھي رَڱِ رَچَنِ، پانَ وارِيۡ پِڪَ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 16 ]

سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ،
سَنئُون وَرائي سُپِرِين، جَي مُنھُن مان ڏُونھِن ڪَنِ،
رَڳُون سَڀَ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 30 ]

پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ،
جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ،
اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ،
سَکَرَ ڀانيان سُومَرا، کَٿِي کان کُنھِبَنِ،
جَا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 1 ]