رَسي جي سنڌي معنيٰ
پھچي، پُڄي. پُري. سھڙجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reach, have, gain, approach.
رَسي جا بيتن ۾ حوالا
ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]

نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،
”آئُون“ اورِيان جَهلِ، ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ”ڌَڻِي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 7 ]

”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،
ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 8 ]

سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ،
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 9 ]