روڏا جي سنڌي معنيٰ
ٺوڙها، گنجا، موڏا، تکا، لسا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One with a shaven head, a shaveling. Plain.
روڏا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين،
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
English Meaning
One with a shaven head, a shaveling. Plain.