راسِ جي سنڌي معنيٰ
تندرست، نوبنو، درست، صحيح. تيار، پڪل، ٺيڪ ٺاڪ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Right, correct, prepared, ready.
راسِ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
وَھمَ وِرساياسِ، نَہ تَہ پُنهون آئُون پاڻَ ھُئِي،
پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ،
رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 8 ]
پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ،
رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 8 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ،
اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ،
مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ،
وَطَنِ آئُون ويندِياسِ، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 15 ]
اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ،
مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ،
وَطَنِ آئُون ويندِياسِ، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 15 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
English Meaning
Right, correct, prepared, ready.