حامِي جي سنڌي معنيٰ
حمايت ڪندڙ، پاسي کڻندڙ، پَئورُ، پوندڙ، مددگار، حمايتي، مدد ڪندڙ، مُعاون، ڀرجهلو، ٻانھن ٻيلي، واھرو، پُٺڀرائي ڪندڙ، حاميڪار، ساٿي، نگھبان، رکوال، سنڀال ڪندڙ، ڀائيوار. الله تعاليٰ جي صفاتي نالن مان ھڪ نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helper, watcher, owner
حامِي جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 25 ]

تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ ڪَھَندين ڪَڏِھِين،
وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو،
نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،
حامِي ٿِيندُءِ حَدَ ۾، سَيِّدُ سُونھارو.
[ سُر راڻو، وايون، 10 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]